داتا فيض درياهه شاهه

داتا فيض درياهه شاهه: سنڌ جو مشهور صوفي شاعر ۽ درويش، درياهه شاهه'>داتا فيض درياهه شاهه ولد پير شاهه جيلاني، 1863ع ڌاري چڪ شهر ڀرسان ڳوٺ انباهه، تعلقي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو فيض محمد شاهه هو. هن جو والد، شاهه نصير نوشهري فيروز واري جو معتقد هو. هن ڪيترائي سال سندس خدمت ۾ گذاريا هئا. پوءِ مرشد جي هدايت تي ڳوٺ وڃي شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٽي پٽ ٿيا. وڏو سيد تاج محمد شاهه، وچيون سيد فيض محمد شاهه ۽ ننڍو سيد جان محمد شاهه، جڏهن شاهه نصير ٽيئي نينگر ڏٺا، تڏهن فيض محمد شاهه لاءِ فرمايائين ته: ”جي هن صاحبزادي جي عمر هوندي ته بلها شاهه وارو طبل وڄائيندو.“ فيض درياهه شاهه، سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم شاهه نصير جي هڪ طالب درويش سيد ڏنل شاهه کان حاصل ڪئي. روايت آهي ته هو ڪيترا ورهيه استغراق جي عالم ۾ رهيو. ڪجهه سال مجذوبيءَ جي حالت کانپوءِ سالڪيءَ طرف موٽيو ۽ شعر چوڻ شروع ڪيائين. شاعريءَ ۾ ’ميرل‘ تخلص استعمال ڪندو هو. ميرل فقير جاگيراڻي سندس معتقد هو، جيڪو ڪنڊڙيءَ جي ويجھو ديهه ڪالهوڙيءَ جو ويٺل هو. فيض درياهه جي ساڻس ايتري ته محبت هئي، جو کيس ادب وچان ’بابا ميرل‘ سڏيندو هو. سيد فيض درياهه شاهه شادي نه ڪئي. مجرد ٿي گذاريائين. شاهه صاحب بيخوديءَ واري حالت ۾ تمام گھڻو ڪلام چيو، جنهن ۾ هن ڪيترن هنڌن تي ’اناالحق‘ جا نعرا هنيا آهن. سندس سمورو ڪلام رندي رمزن ۽ صوفياڻن خيالن جو آئينو آهي.
داتا فيض درياهه شاهه، 11 شوال 1325هه/18 نومبر 1907ع تي جوانيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڳوٺ انباهه ۾ آهي، جتي هر سال شوال مهيني جي 11 ۽ 12 تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. سيد جان محمد شاهه هن وقت سندس درگاهه جو سجاده نشين آهي.


لفظ داتا فيض درياهه شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.11.18  عيسوي

داتا فيض درياهه شاهه، 11 شوال 1325هه/18 نومبر 1907ع تي جوانيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڳوٺ انباهه ۾ آهي، جتي هر سال شوال مهيني جي 11 ۽ 12 تاريخ تي ميلو لڳندو آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

افضل قادري
رامداس سوامي
ثنائي مشهدي
ڪوثر ٻرڙو
بلهي شاهه
بلبل کورواهي
مير محمد حسن علي خان ٽالپر
شاهنواز مسافر
ٺٽوي رضي الدين فدائي
مولابخش ساغر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون